چراغ شاه

چراغ شاه: سيد چراغ شاهه، اُچ جي سيد جلال الدين شاهه سرخ بخاريءَ جي اولاد مان هو ۽ سيد عيسيٰ عبدالوهاب جي درگاهه جو سجاده نشين هو. هيءُ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جو همعصر هو. جڏهن دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ جنگي معرڪا ٿيا ۽ دائود پوٽا هارائي ويا تڏهن سيد چراغ دائودپوٽن کي ڇڏائڻ لاءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ وڏي عزت مليس. دٻلي ٻيٽ واري جنگ کانپوءِ اُچ جي سيدن دائودپوٽن کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گھرائي ورتو. 1140هه/1727ع ۾ دائودپوٽا دٻلي ٻيٽ مان نڪري اُچ هليا ويا. انهيءَ صلح لاءِ اچ جي ٽن سيدن دائودپوٽن جي سفارش ڪئي. اچ جي گيلاني درگاهه جو سجاده نشين سيد عبدالقادر گيلاني، سيد جلال الدين سرخ بخاريءَ جي درگاهه جو سجاده نشين سيد حامد نوبهار شاهه ۽ سيد عيسيٰ عبدالوهاب جي درگاهه جو سجاده نشين سيد چراغ شاهه شامل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو